ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خام تيل ۽ صنعتي گند ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلائڻ واري ڪيس  سيپا ٽيم کي گولف ڪلب ٽريٽمينٽ پلانٽ جي معائني کان روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ، جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو  گولف ڪلب ۾ ڪو ڪرنل صاحب گولف راند کيڏندو هوندو؟  عدالت سيپا ٽيم کي گولف ڪلب ٽريٽمينٽ پلانٽ جو معائنو ڪري  رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سيپا ٽريٽمينٽ پلانٽ متعلق رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سيپا جي وڪيل ٻڌايو ته چنڪي منڪي وٽ  هڪ ٽريٽمينٽ پلانٽ جو دورو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گولف ڪلب وارن  ٽريٽمينٽ پلانٽ جو معائنو ڪرڻ جي اجازت ناهي  ڏني، جنهن تي جسٽس عقيل عباسي ڊي ايچ اي جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گولڊ ڪلب جو انچارج ڪير آهي؟  سيپا ٽيم کي ڪنهن روڪيو؟ شايد ڪو ڪرنل صاحب اتي گولف راند کيڏندو هوندو؟ سيپا عملدار ٻڌايو ته واٽر بورڊ جا ٻه ٽريٽمينٽ پلانٽ تعمير هيٺ آهن، ٽيون ٽي پي فور تعمير نه ٿي سگهيو آهي،عدالت ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ جي اڏاوت هيٺ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل جعفر رضا جو چوڻ هو ته صنعتي گندگي ۽ گٽرن جو پاڻي  ڇوڙ ڪرائڻ سبب سمنڊ خراب ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آبي جيوت مري رهي آهي، عدالت نوٽيس وٺي