ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، پوليس پهچڻ تي عورتون ۽ ٻار يرغمال، پوليس مقابلو ڪري ٻنهي جوابدارن کي ماري ڇڏيو. هڪ اهلڪار زخمي، پوليس موجب اورنگي ٽائون ۾ 2 هٿياربند گهر ۾ داخل ٿيا، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهتي، ان وقت  هٿياربند گهر جي مٿئين منزل تي موجود هئا، انهن گهر جي عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو هو، اسان هٿياربندن کي هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏيڻ جو چيو، جنهن تي انهن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪار تنوير حسين ولد منير حسين ڄنگهه  ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پوليس موجب متاثر گهر  ڪاٻاڙي مبارڪ شاهه جو آهي. مارجي ويل ڦورن جي قبضي مان ڦر ڪيل لکين رپيا روڪ رقم، سونا زيور، هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ آيو مارجي ويل جوابدارن جي فوري طور سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.