لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ٽيم ڪراچي ڪنگز کي وڏو نقصان ٿيو آهي نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر ايڊم ملني گوڏي جي تڪليف سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. هو 15 اپريل تي لاهور قلندرز خلاف ميچ دوران زخمي ٿيو هو. طبي معائني بعد خبر پئي ته هاڻ هو وڌيڪ پي ايس ايل ۾ نه کيڏي سگهندو. ڪراچي ڪنگز جي انتظاميا رانديگر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس جلد صحتيابي جي اميد جو اظهار ڪيو.