لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جو سفر پڄاڻي تي پهتو،8هين ميچ ۾ ڪراچي هٿان87 رنسن تان شڪست،خبر موجب ڪراچي جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ملطان جي ٽيم کي 4 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 20 اوورن ۾ 205 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو،سائيفرٽ 22، وارنر 30، عرفان نيازي 40 رنسون اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا، ونس 60 ۽ خوشدل شاهه 33 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا،ملتان طرفان عبيد شاهه 2، ولي ۽ ڪيمفر 1-1 وڪيٽ ورتي،ٽارگيٽ جي پويان ڊوڙندي ملطان جو ٽاپ آرڊر مڪمل طور فلاپ ٿي ويو، پوري ٽيم 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ياسر 26،ڪپتان رضوان ٻڙي ۽ عثمان خان 1 رنسن اسڪور ڪئي،ڪامران غلام 28،جارڊن 14 ۽ حنين شاهه 14 رنسون اسڪور ڪيون،ڪراچي طرفان محمد نبي 3، مير حمزه ۽ خوشدل شاهه 2-2، عباس ۽ عمار جمال جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. ڪراچي جي ففٽي اسڪور ڪندڙ جيمس ونس کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.