ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين سيزن لاءِ ٻن رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو. آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ميڪڊرموٽ ۽ پاڪستان انڊر 19 جي ڪپتان سعد بيگ کي ٽيم جو حصو بڻجي ويا آهن. بين مڪڊرموٽ کي بنگلاديش جي لِٽن داس جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کي پي ايس ايل پليئرز ڊرافٽ 2025ع ۾ سلور ڪيٽيگري ۾ پِڪ ڪيو ويو، پر ڪراچي ڪنگز جي پهرين ميچ کان اڳ پريٽڪس دوران انجري جو شڪار ٿي ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو هو، ان کانسواءِ ڪراچي ڪنگز طرفان نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جي عارضي متبادل طور پاڪستان انڊر 19 جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر سعد بيگ کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪين وليمسن کي سپليمينٽري ڪيٽيگري ۾ چونڊيو ويو هو هو ٽورنامينٽ دوران ڪراچي ۾ شيڊيول ميچن لاءِ دستياب نه هوندو.