ڪراچي: ڪرپشن الزامن هيٺ آيل ڪامورن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو

0
140
ڪراچي: پينشن فنڊ ۾

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي جي اختيارين ڪرپشن الزامن هيٺ آيل فوڊ انسپيڪٽرن ۽ فوڊ سپروائيزرن کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

خوراڪ کاتي پاران صوبي جي سمورن ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽرن کان نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندڙ عملدارن جا تفصيل طلب ڪيا ويا

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ريجن کي ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي خط لکيو ويو، خوراڪ کاتي پاران خط ۾ سمورن ان عملدارن جا تفصيل گهرايا ويا جيڪي ڪرپشن اسڪينڊلز ۾ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن

خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ ڪجهه ئي هفتا اڳ فوڊ سپروائيزرن ۽ فوڊ انسپيڪٽرن جون مقرريون ڪيون ويون هيون

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي ٽيمن پاران ڪڻڪ گم ٿيڻ ۽ مختلف وقتن کي اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ٿيڻ وارن معاملن جي جاچ لاءِ خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپا لڳڻ واري معاملي کان پوءِ اختيارين پاران ڪرپٽ عملدارن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو