حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ وارو ڪي فور منصوبو رولڙي جو شڪار، ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ وارا ٽينڊر رد ٿيڻ جي ڪري منصوبو رولڙي ۾ پئجي ويو، ڪي فور جي پهرين فيز تي خرچ ٿيل 120 ارب رپين جي لاڳت ڪراچي واسين کي تڪڙو لاڀ ڏئي نه سگهندي، ٽينڊر رد ٿيڻ جي ڪري ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ واري رٿا جي رقم وڌڻ جو خدشو، ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرائڻ وارا ٽينڊر ڪرائڻ جي منظوري سيڪريٽري آبپاشي ڏني، آبپاشي کاتي جي ئي سيڪريٽري جي حڪم تحت ٽينڊر رد به ٿي ويا.رپورٽ مطابق ڪي فور منصوبي تحت سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ واري رٿا رولڙي جو شڪار بڻجي وئي آهي. 120 ارب رپين جي لاڳت سان ڪي فور منصوبي جو فيز ون 2024ع ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. ابتدائي طور ان منصوبي تحت ڪراچي ۾ پاڻي جي هڪ لائين وڇائي ڪراچي واسين کي پاڻي پهچائڻو هو پر ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪري پاڻي بچائي ڪراچي کي ڏيڻ وارو خواب ايندڙ سال به ساڀيان ماڻي نه سگهندو. چيو پيو وڃي ته ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ وارو پراجيڪٽ جولاءِ 2023ع ۾ ايڪنڪ مان منظور ٿيو هو جنهن تي 40 ارب رپين جي رقم ڪَٿي وئي هئي. پراجيڪٽ امپروومينٽ آف ڪلري بگهاڙ فيڊر اينڊ ڪينجهر ليڪ تي عمل لاءِ ٽينڊرن جو مرحلو هلندڙ مهيني مڪمل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان منصوبي تي ڪم به شروع ٿي وڃي ها پر اوچتو ئي سيڪريٽري آبپاشي جي حڪم تحت ٿيل ٽينڊر رد ڪيا ويا جنهن جي ڪري هاڻي اهو منصوبو وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويندو جڏهن ته اڳ ئي ان منصوبي تي عمل 6 مهينا دير جو شڪار ٿيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پراجيڪٽ امپروومينٽ آف ڪلري بگهاڙ فيڊر اينڊ ڪينجهر ليڪ تي عمل لاءِ اڳوڻي چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي کي نگران وڏي وزير جي منظوري سان پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو جنهن سيڪريٽري آبپاشي کان نيشنل ڪامپيٽيٽو بڊنگ اينڊ پري ڪواليفاءِ آف ڪانٽريڪٽرز جو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت گهري هئي. سيڪريٽري آبپاشي اها اجازت ڏيڻ کان اڳ ڄاڻايل منصوبي جي پي ڊي کان مختلف وضاحتون طلب ڪيون جيڪي وضاحتون ڏيڻ کانپوءِ سيڪريٽري آبپاشي اهو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. ان اهم منصوبي تي عمل لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان به اجازت ورتي وئي پر ان ڪانڪرنس ليٽر ۾ ڪجهه ٻيا منصوبا شامل هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن اها منظوري نه ڏني جنهن کانپوءِ سيڪريٽري آبپاشي ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي صرف ڄاڻايل منصوبي جي اجازت گهري جنهن تي اليڪشن ڪميشن منصوبي تي عمل جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان دوران سيڪريٽري آبپاشي سپرنٽيندنگ انجنيئر ڪلري بگهاڙ فيڊر کي زباني حڪم تحت نيشنل ڪامپيٽيٽو بڊنگ ۽ پري ڪواليفڪيشن آف ڪانٽريڪٽرز جو عمل روڪڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪانٽريڪٽرز جي ڇنڊ ڇاڻ واري عمل تي ڪا به بندش وڌل نه هئي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اجازت بعد پروڪريومينٽ ايجنسي تحت پروڪريومينٽ پلان تيار ڪري سيپرا کي روانو ڪيو ويو جڏهن ته سيڪريٽري آبپاشي کي به اهڙي آگاهي ڏني وئي. پروڪريومينٽ پلان تيار ٿيڻ بعد ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ لاءِ 9 پيڪيج تيار ڪيا ويا ۽ ٽينڊر لاءِ مختلف اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا ويا. اهي ٽينڊر 13 ڊسمبر تي ٺيڪيدارن کان وٺڻا هئا پر ڄاڻايل تاريخ تي پروڪريومينٽ ڪميٽي جا ڪجهه ميمبر غير حاضر هجڻ جي ڪري اهي ٽينڊر 15 ڊسمبر تي کولي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. 18 ڊسمبر تي واڪ ۾ ڪامياب ٺيڪيدارن جو اعلان ڪري 20 ڊسمبر تي فنانشنل بڊ به کولي وئي پر ان ئي ڏينهن قانون واري نگران وزير هڪ خط لکي ٽينڊرن تي اعتراض واريو جنهن تي سيڪريٽري آبپاشي پاران 21 ڊسمبر تي انهن ٽينڊرن کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري نگران وزير جي خط ۾ شڪايت ڪندڙ ڪنهن به ٺيڪيدار جو ذڪر نه هو ۽ ان خط ۾ صرف اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ٽينڊر کولڻ وقت سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ان ڪري اهي ٽينڊر رد ٿيڻ گهرجن. سيڪريٽري آبپاشي جي حڪم بعد ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ واري منصوبي جو پي ڊي ٽينڊر واري سموري عمل کي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ٽينڊرن ۾ هڪ بااثر ٺيڪيدار کي ٺيڪو نه مليو هو جنهن ڪري هن مختلف سگهارين ڌرين سان رجوع ڪري اهي ٽينڊر رد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. سگهارين ڌرين جي من پسند ٺيڪيدار کي ٺيڪو نه ملڻ جي ڪري ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪو ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪي فور منصوبو به رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو خدشو آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي جي حاصلات کانسواءِ ايندڙ سال مڪمل ٿيندڙ ڪي فور منصوبي جو فيز ون به ڪراچي واسين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي نه سگهندو.