ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وسنديا گلشن اقبال مان 16 آڪٽوبر تي کنڀيل 9 بلوچ شاگردن مان وڌيڪ 7 شاگرد گهر پهچي ويا، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گم ڄاڻايل 9 مان 7 ڄڻا بلوچ شاگرد شعيب علي، اشفاق، شهزاد، بيبگر، امير، زبير، قمبر علي ۽ سعيد الله گهر پهچي ويا آهن، پوليس موجب جاويد نالي شاگرد گم ٿيڻ جي هڪ ڏينهن بعد واپس اچي ويو هو، باقي رهيل هڪ شاگرد محمد حنيف جي بازيابي بابت ڪوششون جاري آهن، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته گم ٿيل شاگرد خيريت سان واپس اچي ويا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شاگردن کي ڏينهن ڏٺي جو کنيو ويو هو، پوليس پاران شاگردن جي گمشدگي وارو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو، جنهن تي عدالت چيو ته ڪيس به داخل ڪيو ويندو، عدالت گهر موٽيل شاگردن ۽ درخواستگذار کي پوليس سان جاچ ۾ تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪندي پوليس کي گم ٿيل شاگرد حنيف جي بازيابي بابت جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت به ڪئي.