ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ساحلي علائقي گڏاڻي جي سمنڊ ۾ 4 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻڏندڙ ٻن ماڻهن کي بچايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان گڏاڻي جي پهوڪاڙا بيچ آيا هئا ۽ سمنڊ ۾ وهنجدي ٻڏي ويا. ريسڪيو ٽيمن ۽ پوليس ٻڏندڙ چئني ڄڻن جا لاش سمنڊ مان ڪڍي ورتا آهن. پوليس موجب ٻڏندڙ ماڻهن جو تعلق ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سان آهي. ٻڏي ويلن جي سڃاڻپ محمد علي نظام ۽ وقار طور ٿي آهي.


































