گھارو (ن پ ا) ڪراچي کان ٺٽو روڊ تي حادثن جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، ھڪ ھفتي اندر روڊ حادثن ۾ 8 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، گذريل صبح ٿيل حادثي ۾ مزدا سوار جھڏي واسي 30ورھين جو عبدالغني راھمون 25 وريھن جو شعيب راھمون ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ٽرڪ جو ڪلينڊر وقاص زخمي ٿي پيو ٻنھي فوتين جا لاش رورل ھيلٿ سينٽر گھارو آندا ويا جتان کان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارث کڻائي گھر روانا ٿي ويا ڌاٻيجي کان مڪلي تائين روڊ جو ھڪ پاسو مرمت لاء بند ھجڻ ھڪ پاسي تان ٽييفڪ ھلڻ سبب روڊ تي حادثا معمول بڻجي چڪا آھن پر ضلعي انتظاميا مسلسل انساني جانيو ضايع ٿيڻ تي ڪنھن به قسم جو ڪو نوٽيس ناھي ورتو .