اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا سيپٽمبر جي مهيني جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ ۾ 1 رپيا 28 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا پڌرائي موجب سي پي پي اي جي ، ايف سي اي جي مد ۾ 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي، نيپرا هن درخواست تي 30 آڪٽوبر 2024 تي عوامي ٻڌڻي ڪئي. ان کان اڳ آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ ۾ 86 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان گڏ چارج ڪيو ويو هيو. نيپرا جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر جو ايف سي اي آگسٽ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 42 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو. ڄاڻايل گهٽتائي ڊسڪوز جي سمورن صارفين تي لاڳو هوندو. لائيف لائين، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشن ۽ اليڪٽرڪ صارفين تي گهٽتائي لاڳو نه هوندي.