ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ وڌيڪ نوجوان  قتل: شهري 2 ڦورو ماريا: ڏوهه روڪڻ لاءِ شاهين فورس قائم، ان ڏس ۾ نيو ڪراچي جي سيڪٽر 11 ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان عباس کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. واردات جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته عباس پنهنجي دوست سان گڏ گھٽي ۾ داخل ٿئي ٿو ته موٽرسائيڪل تي 3 هٿياربند پهچي کانئن ڦرلٽ ڪن ٿا، عباس جوابدارن سان مزاحمت ڪري ٿو ته اهي عباس کي گولي هڻن ٿا، انهي دوران عباس جو دوست ڀڄي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو.پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف شيرشاهه جي جناح روڊ واري علائقي ۾ ٻن ڦورن شهري کان ڦرلٽ ڪئي، شهري مڙسي ڪندي فائرنگ ڪري 2 ڦورو صابر پٽ عبدالحق ۽ آريان پٽ اسماعيل ماري ڇڏيا، جڏهن ته هڪ واٽهڙو غلام حسين به زخمي ٿي پيو، هوڏانهن ڪراچي ۾ بدامني ۾ واڌ بعد ايڊيشنل آءِ جي جاويد اوڍو اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ شاهين فورس قائم ڪري ڇڏي، ڪي پي او ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هلندڙ سال جي 8 مهينن دوران 391 شهري قتل ۽ 269 شهري زخمي ٿيا، 391 شهرين مان 333 شهري ذاتي دشمني ۽ 58 شهري ڦر دوران مزاحمت تان قتل ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال پوليس مقابلن ۾ 73 ڏوهاري پڻ مارجي ويا آهن، جڏهن ته 698 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. هلندڙ مهيني ۾ 10 شهري ماريا ويا، جڏهن ته 12 زخمي ٿيا، جنهن سبب هراس پکڙيو، هن چيو ته هلندڙ مهيني ۾ ٿيل 15 مقابلن ۾ 4 ڦورو به مارجي ويا، هن چيو ته نيئن ٺاهيل شاهين فورس جا 300اهلڪار شهر ۾ موٽرسائيڪلن تي گشت ڪندا، کين هيلمٽ، بلٽ پروف جيڪٽون ۽ وائرليس سيٽ ڏنا ويندا، هڪ موٽر سائيڪل تي 2 اهلڪار سوار هوندا، 2 موٽر سائيڪلون گڏجي گشت ڪنديون، جتي پوليس موبائل نٿي پهچي سگهي، اتي اهي اهلڪار پهچي ويندا، هن چيو ته هڪ زون ۾ 100 موٽر سائيڪلون هونديون، انهي فورس جي مانيٽرنگ ٽئي ڊي آءِ جيز ڪندا،  هن چيو ته شهر ۾ امن امان تي ضابطو آندو ويندو