ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس طرفان گرفتار رڪشا ڊرائيور آزاد ٿيڻ بعد فوت، پوليس تي تشدد جو الزام، ان ڏس ۾ پوليس ڊفينس جي علائقي خيابان سحر ۾ موبائل فون جي دڪان مان  ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڦر واري ڪيس ۾ سومر تي رڪشا ڊرائيور رشيد کي گرفتار ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو. رڪشا ڊرائيور رشيد ڪالهه دم ڏئي ڇڏيو. فوتي رشيد جي وارثن الزام هنيو ته رشيد کي پوليس تشدد جو نشانو بڻايو، سندس ننهن به ڪڍيا ويا، رشيد آزاد ي بعد گهمڻ ڦرڻ کان به لاچار هو، هن چيو ته  رشيد  رڪشا هلائي گذر سفر ڪندو هو، کيس 3 ٻار آهن، پوليس سان سان ظلم ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته موبائل جي دڪان  ۾ ٿيل ڦر واردات ۾ رڪشا استعمال ڪيو ويو، هٿياربند رڪشا ۾ واردات ڪرڻ آيا هئا، اهڙا سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ موجودآهن، جن ۾  رڪشا ڊرائيور رشيد جو رڪشا نظر اچي رهيو آهي، ڊرائيور کي رڳو پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو هو