ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان زخمي، شهرين  ٻن ڦورن کي سوگهو ڪري ورتو، تشدد بعد پوليس حوالي، سچل ڳوٺ جي علائقي انڊس اسڪول وٽ جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي 30 ورهين جي جبار پٽ عبدالسميع کي زخمي ڪيو، شهرين نوجوان کي زخمي ڪندڙ ٻنهي ڦورن کي سوگھو ڪري تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدارن جي سڃاڻپ الهه رکيو پٽ خدابخش ۽ ظفر پٽ پريل طور ٿي، جن جي قبضي مان 2 پستول ۽ ڦر ڪيل موبائيل فون به مليا، زخمي نوجوان ۽ ڦورن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو