ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي جو بينڪ ۾ ڌاڙو، 80 لک ڦر، ان ڏس ۾ سينٽرل ضلعي جي علائقي شادمان ۾ 6 هٿياربندن نجي بينڪ ۾ گھڙي ڦرلٽ ڪئي، پوليس موجب عملي کي يرغمال بڻائي 80 لک ڦر ڪيا ويا، هٿياربند سيڪيورٽي گارڊن تي تشدد ڪري هٿيار کسي ويا، اطلاع تي ايس ايس پي سينٽرل فيصل عبدالله چاچڙ به پهتو. پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نگران گھرو وزير بريگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گھرو وزير چيو ته بينڪ جي آسپاس پيٽرولنگ جو انتظام ڇو نه ڪيو ويو هو؟ شاهراهه نورجهان پوليس غفلت جو مظاهرو ڪيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بينڪ ۾ نجي گارڊن جي موجودگي ۽ انهن طرفان جوابي ڪارروائي بابت به رپورٽ پيش ڪئي وڃي