ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا روڊ روڪڻ لاءِ ڊمپرن ۽ واٽر ٽينڪرن جي اسپيڊ 30 ڪلو ميٽر رکڻ ۽ ڊرائيورن جي ڊرگ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه انساني جانين جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اهلڪارن کي سخت قدم کڻڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سڀ وڏين، ننڍين ۽ مسافر گاڏين ۾ ٽريڪر، ڊيش ڪيم ۽ اڳئين، ڪنارن ۽ پوئين حصي ۾ انڊر رن پروٽيڪشن ڊوائيسون لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته وڏين گاڏين جي ڊرائيورن جي اوچتو منشيات ٽيسٽ ڪئي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بيفل پليٽس نه لڳائيندڙ واٽر ٽينڪرن کي روڊ تي هلڻ جي اجازت نه هوندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته گاڏين جي فٽنيس سان لاڳاپيل گهرجن کي به هر صورت ۾ پورو ڪيو وڃي. وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته فٽنيس سرٽيفڪيٽ رد ٿيل گاڏين کي تحويل ۾ وٺن. وڏي وزير ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته وڏين، ننڍين ۽ مسافر گاڏين جي ڊرائيورن  جي منشيات  ٽيسٽ ڪرائي وڃي، وڏي وزير حڪم ڏنو ته ڪراچي شهر ۾ هيوي گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وڃي اجلاس ۾ گھرو وزير ضياء لنجار کي هدايت ڪئي وئي ته ٽريفڪ قانونن جي مؤثر نفاذ لاءِ شفاف ۽ خودڪار اي-ٽڪيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز کاتا، لائسنسنگ اٿارٽي، ٽريفڪ پوليس ۽ نادرا  ڊجيٽل طور تي هڪٻئي سان ڳنڍيل هجڻ گهرجن.

متحده وارا استعيفائون ڏين، مقابلي لاءِ  تيار آهيان: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار خلاف ايم ڪيو ايم طرفان هڪ طرفي بي بنياد مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڊمپرز حادثن کي بنياد بڻائي نفرت جي سياست ڪئي پئي وڃي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ماضي ۾ بدامني جي ذميوار رهي آهي. توهان هزارين بيگناهن کي ماريو، هزارين مائرن جي جهولين کي خالي ڪيو، مشرف دور ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو،  هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ٻيو گروپ به ڪراچي ۾ نفرت جي سياست ڪندي ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان شهر ۾ بدامني ۽ افراتفري پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته خالد مقبول صديقي کي محب وطن سمجھان ٿو، ماضي ۾ مصطفيٰ ڪمال سندس خلاف ڇا چيو؟ اهو ٻيهر چوڻ نٿو چاهيان. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هارائڻ جي ڊپ کان مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، ايم ڪيو ايم وارا سمجھن ٿا ته انهن وٽ عوامي مينڊيٽ آهي ته اسان انهن سان هر تڪ تي چونڊن وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، ائون پنهنجي سيٽ تان استعيفا ڏيندس، ايم ڪيو ايم وارا به استعيفا ڏين، کين خبر پئجي ويندي ته عوام جو نمائندو ڪير آهي؟

 

حقيقي وارن 10 يا 12 اپريل تي ڏڦيڙ پکيڙيو ته مزاحمت ڪنداسين: ڊمپر  مالڪن جو اعلان

ڪراچي: آل ڊمپر ٽرڪ ٽرانسپورٽ اونر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ حاجي لياقت محسود چيو آهي ته سنڌ حڪومت صبح 6 کان رات 10 وڳي تائين وڏين گاڏين جي ڪراچي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي، جنهن تي سان عمل ڪريون پيا، ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي هن ۾ چيو ته هلندڙ سال ٽريفڪ حادثن سبب 249 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن مان صرف 17 شهري ڊمپر هيٺيان آيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽر ٽيڪس ڏين ٿا،  اسان مافياز  ۽ سرڪار کي به ٽيڪس ڏيون ٿا. هن چيو ته 10 يا 12 اپريل تي ڪنهن به قسم جو انتشار پکيڙيو ويو ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته شهر ۾ بسن ۽ ٻين وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي واضح رهي ته مهاجر قومي مومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد 12 اپريل تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.