ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ ڊفينس ۾نوجوان ڌيرج تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد سلمان فاروقي سميت ٻن جوابدارن ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي, عدالت سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪندي جاچ آفيسر کي به طلب ڪري ورتو, ان موقعي تي سلمان فاروقي جو وڪيل نعيم قريشي به پيش ٿيو، هن چيو ته جوابدار خلاف ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس آهي، جيڪو ضمانت جوڳو آهي، جوابدار جي متاثر شهري سان ڪا به ذاتي دشمي ناهي, معاملو حل ٿيڻ جوڳو آهي۔۔۔۔