ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اغوا بعد ڀنگ وصول ڪرڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اقبال احمد عرف ڊي جي، منظور حسين ۽ حافظ اعظم سميت 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌئي ڇڏي، پراسيڪيوٽر محمد رضا ٻڌايو ته جوابدارن ڊاڪٽر طالب عزيز کي 14 جون 2022 تي گلشن اقبال مان اغوا ڪري آزادي لاءِ 30 لک رپيا ڀنگ وصول ڪيو هو، هن چيو ته ڪيس ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا گرفتاري وقت جوابدارن وٽان 6 لک کان هٿ آيا، هن چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي ٿي آهي, پوليس موجب يرغمالي جي پٽ محمد علي جوابدارن خلاف نيو ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو.