ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ 28 سيپٽمبر تي ڏندن جي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري چيني شهري کي قتل ڪندڙ بندش پيل تنظيم جي اهم دهشتگرد کي سيڪيورٽي ادارن گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، گرفتار جوابدار ڪلينڪ ۾ داخل ٿي ٻٽي شهريت رکندڙ ملازم رونالڊ رائمنڊ چائو کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته فائرنگ ۾ ڊاڪٽر رچرڊ هونو پائو ۽ سندس زال فين ٽين پاو زخمي ٿي پيا هئا،  هوڏانهن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  ۽ ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) آصف اعجاز شيخ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  بندش پيل تنظيم سنڌ ريووليوشن آرمي/سنڌ پيپلز آرمي جي دهشتگردن ايچ يو ڊينٽل ڪلينڪ صدر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ رونالڊ رائمنڊ چائو مارجي ويو. دهشتگردن جو نشانو ڊاڪٽر رچرڊ هونو پائو ۽ سندس زال فين ٽين پائو هئا،  جيڪي انهي ڪارروائي ۾ زخمي ٿيا هئا، سي ٽي ڊي ٽيم حساس ادارن جي سهڪار سان سنڌ ريووليوشن آرمي سان تعلق رکندڙ دهشتگرد وقار خشڪ کي ڪراچي مان گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به هٿ ڪري ورتي آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته سي ٽي ڊي ٽيم دهشتگرد جي ڳولا لاءِ  100 کان وڌيڪ ڪيميرائن جي مدد ورتي، جوابدار وقار خشڪ جوابدار اصغر علي شاهه عرف سائين ۽ ذوالفقار خاصخيلي عرف سفير سان رابطي ۾ هو. جوابدار کي ذوالفقار خاصخيلي اهو ٽارگيٽ ڏنو هو . هن چيو ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ سي ٽي ڊي  ٽيمون جوڙيون آهن، ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ چيو ته وقار خشڪ مسنگ پرسنز جي احتجاج ۾ حصو وٺندو رھيو آھي.