ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار جو  چنگچي ۽ موٽرسائيڪل رڪشائن خلاف ڪريڪ ڊائون: 311 چنگچي ۽ موٽرسائيڪل رڪشا ضبط: 311 ڊرائيور گرفتار، ان حوالي سان سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران جاري ڪيل بيان موجب  ڪراچي جي 11 ماڊل روڊن تي چنگچي  ۽ موٽرسائيڪل رڪشا هلائڻ خلاف 16 اپريل  کان ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ساڳئي وقت فينسي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ ٻين غير قانوني تبديلين خلاف پڻ ڪارروائي ڪندي 515 ڳري ۽ هلڪي ٽرانسپورٽ واريون گاڏيون ضبط ڪيون ويون. هن چيو ته 2025 مختلف خلاف ورزين تي 31,677 موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون، 25 گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، 491 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪري مخصوص شرطن تي ڇڏيو ويو. هن چيو آهي ته ڪريڪ ڊائون دوران  سرڪاري حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان قلم 188 تحت 104 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان ڊرائيونگ ڪرڻ تي قلم 279 تحت هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  عوامي رستي ۾ رنڊڪ وجھڻ تي قلم 341 تحت 33 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. 23 غير رجسٽرڊ موٽرسائيڪل رڪشا پڻ ضبط ڪيا ويا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 32 غير قانوني ايل پي جي/سي اين جي ڪٽس ضبط ڪيون ويون، جڏهن ته 7,069 گاڏين کي چالان جاري ڪيا ويا.