ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت جي سپريم ڪورٽ جي جج طور مقرري بعد سنڌ جو سينيئر جسٽس عقيل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ٿي ويندو. 16 جون 1963ع تي ڪراچي ۾ سينيئر وڪيل پروفيسر مقصود احمد عباسي جي گهر جنم وٺندڙ جسٽس عقيل عباسي 25 سيپٽمبر 2009ع ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو، 2011 ۾ کيس مستقل جج بڻايو ويو، نامزد چيف جسٽس عقيل عباسي 15 جون 2025ع تي پنھنجي عھدي تان رٽائر ٿيندو، جسٽس عقيل عباسي 2000 کان 2009 تائين وفاقي بورڊ آف روينيو، ڪسٽم، سيلز ٽيڪس، آءِ ڊي پي ۽ ايڇ بي ايف سي جو قانوني صلاحڪار پڻ رھي چڪو آھي،