ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عمران خان جي آزادي ۽ 26 ھين آئيني ترميم خلاف پي ٽي آءِ پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو  ويو، جنهن کي  راجا اظھر، آفتاب جھانگير، خرم شيرزمان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته فارم 47 تحت زوري مڙھيل حڪومت مان جلد ڇوٽڪارو ملندو، عمران خان کي آزاد ڪرائينداسين، ھنن چيو ته غير آئيني طريقي سان آيل حڪومت غير آئيني ترميمون ڪري پئي، جنهن سان عدالتي خودمختياري ختم ۽ عوام لاءِ انصاف جا در بند ڪيا ويا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته 26 ھين آئيني ترميم واپس وٺي عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، احتجاج ۾ اڳوڻو صدر عارف علوي به شريڪ ٿيو، هوڏانهن پوليس مظاهري ۾ شريڪ اڳوڻي ايم اين اي عالمگير خان سميت 4 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو. جن کي رات دير سان آزاد ڪيو ويو