ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان پوليس جي وڏي منشي جو ڀاءَ اغوا، گلستان جوهر مان پوليس جي وڏي منشي سعد صديقي جو ڀاءُ فهد مبينه طور اغوا ٿي ويو، فهد جي اغوا جو ڪيس گلستان جوهر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. فريادي موجب واقعو 4 ڏينهن اڳ پيش آيو، آخري ڀيرو منهنجي ڀاءُ کي صفورا چورنگي وٽ ڏٺو ويو، منهنجي ڀاءُ کي نامعلوم ماڻهو گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا، منهنجي ڀاءُ جو نمبر بند پيو ملي. پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد باقائده جاچ شروع ڪئي وئي آهي