ڪراچي( اسٽاف پورٽر)ڪراچي پوليس جي نااهلي: مقابلي ۾ ماريل جوابدارکي اسلام ڪوٽ واسي ڄاڻائڻ تان نوجوان جا وارث پريشان ٿي ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي هاڪس بي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، پوليس مارجي ويل جوابدار اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ مهياري جي رهواسي نوجوان قيمت طور سڃاڻپ ظاهر ڪئي  جنهن سبب نوجوان قيمت جا وارث پريشان ٿي ويا. “پنهنجي اخبار” طرفان جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته مارجي ويل جوابدار ڪو ٻيو آهي، جڏهن ته قيمت زنده آهي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدار وٽان اهڙي ڪا به شي نه ملي، جنهن ذريعي سڃاڻپ ٿي سگهي ها، اسان سافٽ ويئر ذريعي چهري جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي، سندس شڪل 75 سيڪڙو قيمت سان ملي رهي هئي، قيمت تي اسلام ڪوٽ ۾ ڪيس پڻ داخل ٿيل هو، انهي ڪري سمجهيوسين ته مارجي ويل جوابدار قيمت آهي