ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ شهري قتل مار جي ويل جي سڃاڻپ محمد اميد جي نالي سان ٿي، لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. وارثن الزام هنيو ته نوجوان کير وٺڻ لاءِ دڪان تي ويو هو، دڪان وٽ بيٺل هو ته پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف پوليس موجب پوليس پارٽي جوابدارن جو پيڇو ڪري رهي هئي، واقعي واري هنڌ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ ڪراس فائرنگ ٿي، گولي نوجوان کي لڳي وئي. ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ ملڪ موجب ايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ کي واقعي جي جاچ لاءِ حڪم ڏنو آهي، نوجوان کي جنهن وقت گولي لڳي، ان وقت پوليس موبائيل گذري رهي هو، موبائيل روٽين جي گشت تي هئي يا جوابدارن جو پيڇو ڪري رهي هئي، انهي جي جاچ جاري آهي، واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نوجوان جي وارثن سان رابطي ۾ آهيون، واقعي تي افسوس آهي.