ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ڪراچي مان نڪري پنجاب ۾ پسند جي شادي  ڪندڙ شاگردياڻي جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ بابت ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪندي عدالتي حڪم ميڊيا ريگيوليشنز کي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هوڏانهن جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت  شاگردياڻي جي اغوا ڪيس جي مک جوابدار ظهير پاران  شاگردياڻي جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي نوٽيس جاري ڪري 4 آگسٽ تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت  شاگردياڻي جي مبينه اغوا ۽ ننڍي عمر جي شادي بابت ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر پاران شاگردياڻي جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ بابت درخواست منظور ڪري ورتي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته چائلڊ ريسٽرين ميرج ايڪٽ ۾ واضح آهي ته متاثره جي سڃاڻپ، پتو ۽ تصوير ميڊيا ۾ شايع نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن متاثره جو تحفظ ڪري سگهجي. عدالت پنهنجي حڪم چيو آهي ته  صحافي متاثر شاگردياِڻي جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ کي يقيني بڻائين ، عدالت عدالتي حڪم ميڊيا ريگيوليشنز کي به موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هوڏانهن جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت  شاگردياڻي جي اغوا ڪيس جي مک جوابدار ظهير پاران شاگردياڻي جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي نوٽيس جاري ڪري 4 آگسٽ تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته شاگردياڻي جو 164 جو بيان مئجسٽريٽ روبرو قلمبند ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير عبوري ضمانت تي آهن، جڏهن ته نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽  شاهد عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهن.