ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان پرڏيهي ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار، ترجمان موجب ايف آءِ اي بولٽن مارڪيٽ مان 2 جوابدارن احمد رضا ۽ فيضان رضا کي گرفتار ڪري 30 کان وڌيڪ ملڪن جي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي. ترجمان موجب ڇاپي دوران 8 لک رپيا، ڏيڍ لکن جا بانڊ، 4500 انڊين رپيا، 5 هزار ٿائي ڀات، 6 لک انڊونيشين، 2 هزار افغاني، 17 لک ويٽنامي ڊونگ، 8 هزار موزمبڪ، 1400 فلپائنو، 2000 ملائيشين رينگٽ، 48 لکن جا ايراني ريال، 24000 ازبڪ ڪرنسي، 40 رشين منات، 600 ڪينا شينگ مليا، جوابدار انعامي بانڊن جي آڙ ۾ غيرملڪي ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندا هئا وٽن اسٽيٽ بينڪ جي منظوري به نه هئي.