ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب ريڊ زون ۾ اچي ٿو ۽ اسان چاهيون ٿا ته ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ريڊ زون ۾ اچي ٿو ۽ پريس ڪلب تي روز ڪو نه ڪو احتجاج ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته پريس ڪلب کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيون، ان حوالي سان اسان پريس ڪلب وارن سان ميٽنگ به ڪئي ته ٻيو ڪو هنڌ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر شرط اهو آهي ته پرامن هجي، ڇو ته اسان ڪڏهن به نه چاهينداسين ته عام ماڻهن کي تڪليف ٿئي.