ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب  جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس پينل ڪامياب، ڪالهه ٿيل چونڊن ۾ دي ڊيموڪريٽس پينل ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، رات دير سان جاري نتيجن موجب صدارتي عهدي تي ڊيموڪريٽس جو فاضل جميلي 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته نائب صدر جي عهدي تي ارشاد کوکر اڳ ۾ ئي بنا مقابلي سوڀارو ٿيو، جڏهن ته  سيڪريٽري جي عهدي تي محمد سهيل افضل 604 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ محمد منصف ۽  خزانچي لاءِ عمران ايوب ڪامياب ٿيا، جڏهن ته گورننگ باڊي تي عبدالحفيظ بلوچ، حماد حسين، ڪفيل احمد، مونا صديقي، منظور شيخ، محمد فاروق، قاضي محمد ياسر ڪامياب ٿي ويا۔  ھوڏانھن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ۔  صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، سردار شاهه،  ذوالفقار شاھ ۽ سعيد غني۔  پاران ڪامياب پينل کي مبارڪون ڏنيون ويون.