ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ناري مبينا طور آن لائين پب جي گيم کيڏندڙدوست ھٿان اغوا، پوليس ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرائي ورتو، 2 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ سرسيد واري علائقي مان 17 سالن جي ناري صفه مبينا طور اغوا ٿي وئي، ايس آءِ يو پوليس ڪينٽ اسٽيشن تي ڪارروائي ڪري ناري کي ھٿ ڪري ورتو، ڪارروائي دوران ناري سان آن لائين پب واري گيم کيڏندڙ سندس دوست شان علي سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي والدين جوابدار شان تي شڪ ظاھر ڪيو، جنهن کانپوءِ ناري کي هٿ ڪيو ويو، ناري جي والد موجب صفه 4 مھينن کان شان سان پب جي گيم کيڏندي ھئي. پوليس موجب ناري مبينا طور شان سان شادي لاءِ گھران نڪتي پر شان پنهنجي دوست سان گڏجي ناري کي پنجاب وٺي وڃڻ جو منصوبو جوڙيو .