ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مصروف روڊ شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ پوليس طرفان تيز رفتار ڊمپر کي روڪڻ جي ڪوشش،  ڊرائيور بيهڻ بدران فرار ٿي ويو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ٽريفڪ پوليس ڊمپر ايسوسئيشن جي اڳواڻن سان رابطو ڪري ڊمپر ۽ ڊرائيور جي حوالگي جو مطالبو ڪيو. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب ڊمپر ايسوسيئيشن اڳواڻن واعدو ڪرڻ باوجود ڊرائيور کي گاڏي سميت پوليس حوالي نه ڪيو، جنهن بعد ٽريفڪ پوليس  ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي 142 ڊمپر چالان ۽ 27 ڊمپر ضبط ڪيا، ترجمان موجب قانون ٽوڙيندڙ ڊرائيور کي گاڏي سميت پوليس حوالي نه ڪيو ويو ته ڪريڪ ڊائون جاري رهندو،