ڪراچي(رپورٽ : حبيب جمالي) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر ۾ 80 تولا سون ۽ 2 ڪروڙ روڪ واري ڌاڙي ۾ سائوٿ پوليس ملوث نڪتي، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ 19 نومبر تي اورنگي ٽائون ۾ واپاري شاڪر جي گهر ۾ پوليس يونيفارم ۽ سادا ڪپڙا پاتل هٿاربندن ڦرلٽ ڪئي هئي. واپاري موجب 15 جي لڳ ڀڳ اهلڪارن تلاشي بهاني گهر مان 80 تولا سون ۽ 2 ڪروڙ ڦر ڪيا، اهلڪار ويندي ويندي ٻن ڀائرن کي کنڀي کڻي ويا، جن کي بلوچ پل تي ڇڏي ڏنو، اسان پوليس کي اطلاع ڪيو پر اها مدد لاءِ نه پهتي، بعد ۾ پوليس ايف آءِ آر به داخل نه ڪئي. هوڏانهن پوليس ذريعن موجب گهر مان ڦرلٽ ڪندڙ اهلڪار وڃي رهيا هئا ته انهي دوران گهٽي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيميرائن ۾ سندن فوٽيج رڪارڊ ٿي ويا، فوٽيجز ۾ پوليس موبائل ۽ ويگو گاڏي نظر اچن پيون، فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ ويگو گاڏي ڊي ايس پي (يو ٽي) عمير طارق باجاري جي آهي، جنهن جي پوسٽنگ ايس ايس پي سائوٿ آفيس ۾ ٿيل آهي، پوليس ذريعن موجب واپاري جي گهر مان ڦر ڪيل رقم ۽ زيورن مان 50 سيڪڙو سامان، ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون واپاري کي واپس ملي ويا، جنهن بعد واپاري ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري فيصلي کان پوئتي هٽي ويو. ذريعن موجب واپاري مٿان ايف آءِ آر داخل نه ڪرائڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ويو. ذريعن موجب ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي اسپيشل ٽيم انهي کان اڳ به ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هڻي چڪي آهي. سندس اسپيشل ٽيم ۾ پرائيويٽ ماڻهو به شامل آهن.”پنهنجي اخبار” طرفان ڊي ايس پي عمير باجاري سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس موقف ملي نه سگهيو، ٻئي طرف آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي اولهه کي جاچ جو حڪم ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. پوليس ذريعن موجب لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کان به جاچ ڪئي ويندي.