ڪراچي: نگران ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي بورڊ ۾8 نون سرڪاري ۽ 6 غير سرڪاري ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ميئر ڪي ايم سي بورڊ جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته مڪاني ادارن، ناڻي ۽ رٿابندي جا عيوضي، ڪمشنر ڪراچي ۽ سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي جو ڊي جي  ۽ ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سرڪاري ميمبر هوندا. جڏهن ته غير سرڪاري ميمبرن ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر سروش لوڌي، آءِ سي اي اپيلٽ بورڊ جو چيئرمين ظفر اقبال، آءِ ٽي ماهر مهوش، بئريسٽر سيد شبير شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر هما بقائي، تنزيل پيرزادو ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ايم ڊي  قاضي ڪبير شامل آهن.