ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي واٽر بورڊ ۾ “سسٽم” جو انڪشاف، واپارين جي اهم شخصيت کي شڪايت بعد انڪوائري ڪاميٽي قائم، ايم ڊي صلاح الدين کي آفيس نه اچڻ جي هدايت، چارج اسدالله حوالي، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ زير زمين ( جر ) پاڻي ڪڍڻ جو لائسنس جاري ڪرڻ جو اختيار ڪراچي واٽر بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر وٽ آهي، 2 مهينا اڳ واپارين اهم شخصيت کي شڪايت ڪئي هئي ته اڏاوتن ۽ ٻين مقصدن لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي پر زير زمين پاڻي جو لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ به سسٽم کي ڪروڙين رپين جي رشوت ڏيڻي پوندي آهي. ذريعن موجب انهي اهم شخصيت واپارين کي خاطري ڪرائي هئي ته واٽر بورڊ ۾ هلندڙ سسٽم خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي سروسز کاتي جي سيڪريٽري غلام علي برهماڻي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن پاڻي لائسنسن ۾ ڪرپشن جي انڪوائري ٻن هفتن اندر مڪمل ڪئي وڃي. وٽيفڪيشن ۾ ڪراچي واٽر بورد جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يا مينيجنگ ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين کي شفاف انڪوائري کي يقيني بڻائڻ لاءِ 2 هفتا آفيس نه اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسد الله خان کي ايم ڊي جي چارج ڏني وئي آهي ٻئي طرف چيئرمين اينٽي ڪرپشن وري ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز ابڙو جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ عبدالحفيظ چاچڙ، سيد عارف شاهه، امين ڀٽي ۽ عباس علي لاڙڪ ميمبر هوندا. ڪاميٽي جاچ ڪندي ته لائسنس جاري ڪرڻ ۾ ڪرپشن ٿي آهي يا نه؟ ڪراچي ۾ سب سوائل لائسنس جي نالي ۾ پاڻي جي چوري ٿي؟ لائسنس ضابطن تحت جاري ڪيا ويا يا نه؟ ڪراچي واٽر بورڊ جي آفيسرن جو زير زمين پاڻي جا لائسنس جاري ڪرڻ ۽ پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟ انڪوائري ڪاميٽي کي ڪرپشن جي ذميوار آفيسرن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪراچي واٽر بورڊ جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو هو.