ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي واٽر بورڊ ۾ نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ گوسڙو ملازمن سميت ڊيوٽيءَ تان غائب 84 ملازمن کي پگهارون جاري ڪري خزاني کي هر مهيني لکين رپيا نقصان پهچائڻ جو انڪشاف، ڊي ڊي او معطل، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران ڪراچي واٽر بورڊ جي سمورن ملازمن جي ٻيهر تصديق ڪرائڻ ۽ ملازمن جون ڊگريون لاڳاپيل تعليمي بورڊز ۽ يونيورسٽين کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پي اي سي اجلاس ۾ واٽر بورڊ جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اداري مان نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ گوسڙو ملازمن سميت ڊيوٽين تائين غائب 84 ملازمن کي پگهارون جاري ٿيڻ انڪشاف سامهون آيو. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو جي پڇاڻي تي اداري جي چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان ٻڌايو ته ڊيوٽين تان غائب 42 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، 2 ملازم فوت ٿي چڪا آهن، نوٽيسن بعد 38 ملازمن ٻيهر جوائننگ ڏني آهي. پي اي سي چيئرمين ڇاڻو ڪيو ته نوڪرين تان فارغ ڪيل ۽ ڊيوٽين تان غائب ملازمن کي پگهارون ڪيئن جاري ٿيون؟ گوسڙوئن کي پگهارون جاري ڪندڙ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪريو. پي اي سي ڪراچي واٽر بورڊ جي ڊي ڊي او کي معطل ڪري مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کي جاچ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ گهري ورتي آهي. اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ سال 2017ع کان 2019ع تائين غيرقانوني ڀرتين تي اعتراض اٿاريو، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته اهي ڀرتيون ڪهڙي طريقيڪار تحت ٿيون ؟ جنهن تي چيف آپريٽنگ آفيسر ٻڌايو ته رول 34 تحت ٽيڪنيڪل اسٽاف، ليگل ڪنسلٽنٽ ۽ هيلٿ ورڪرن جي هيٺين گريڊ ۾ ڀرتي ڪئي وئي وئي، پي اي سيءَ گوسڙو ملازمن جي نشاندهيءَ لاءِ سڀني ملازمن جي فزيڪل تصديق ڪرائڻ ۽ سمورن ملازمن جي تعليمي ڊگرين جي لاڳاپيل بورڊ ۽ يونيورسٽين کان تصديق ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پي اي سي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو پاران عوام کان وصول ڪيل اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي جا 32 ارب 80 ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻ نه ڪرڻ تان ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو ۽ توانائي کاتي جي اختيارين کي ايندڙ اجلاس ۾ طلبي ورتو آهي.