ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واٽر بورڊ جو ملازم ٽارگيٽ بڻائي قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، ان ڏس ۾ ايم اي جناح روڊ تي گرو مندر چورنگي وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 50 ورهين جي فهيم الحسن کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب مقتول واٽر بورڊ جو ملازم هو، سندس موبائيل فون ۽ ٻيون شيون موجود آهن، کانئس ڪا به شي ڦر ناهي ٿي  ابتدائي طور واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي ٿو. پوليس موجب مقتول لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيس ڪيو هو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته فهيم الحسن کي ڌمڪيون ملنديون هيون. هوڏانهن نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي