ٺٽو (رپورٽر) گجي ويجهو ڪراچي کي پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪندڙ ڪراچي گجو ڪئنال ۾ گذريل ڏهاڙي هٿ منهن ڌوئڻ دوران پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويل ڪراچي واسي نوجوان سعود شيخ جو 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، جڏهن ته خبر جي فائيل ٿيڻ تائين ڪي جي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري هئي پر ٻڏي ويل نوجوان جو ڪوئي ڏس پتو نه پئجي سگھيو هو .