پنوعاقل (ن پ ا) ڪراچي واسڻ پسند جي شادي لاءِ پنوعاقل پهچي وئي،نوجوان نمبر بند ڪري غائب ٿي ويو، خبر موجب ڪراچي واسڻ ناري حميرا فون تي دوستي ٿيڻ بعد ڪراچي کان پنوعاقل پهتي، ناري کي بائجي چوڪ وٽ بي يارو مددگار ڏسي ماڻھن سٽي پوليس کي اطلاع ڏنو، ناري موجب نوجوان اطهر گهرايو، جنهن کي وارثن گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، سندس نمبر مسلسل بند پيو ملي، ناري وارثن ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ھوءَ نوجوان اطهر سان نڪاح ڪرڻ چاهي ٿي، بعد ۾ ناري کي ٿاڻي تي نيو ويو، پنوعاقل پوليس جو چوڻ آھي ته ناري پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ واپس ڪراچي ھلي وئي آھي.