خيرپور (رپورٽر) ڪراچي جي ناري مس ڪال تي دوستي بعد خيرپور پهچي وئي، ڪنگري واسي نوجوان سان عدالتي پرڻو، خبر موجب ڪراچي جي رهواسڻ نوجوان ناري فاطما ڌيءَ دعا شاهه موبائل فون تي مس ڪال بعد ٿيل دوستي تي گهران نڪري خيرپور پهتي، جتي هن ڪنگري جي ڳوٺ وڏا پنهيار جي رهواسي نوجوان عاشق علي پنهيار سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي، ناري ٻڌايو ته مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا ۽ ڪارو ڪاري الزام هيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري جان کي خطرو آهي، هن تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي.