ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان هڪ ٻيو شهري مبينا اغوا ٿي ويو، ڪيس داخل، پوليس موجب گلزار هجري جو رهواسي عبدالله پنجاب وڃڻ لاءِ گهران نڪتو هو، پوء سندس نمبر بند ٿي ويو، هڪ ڏينهن کانپوءِ سندس نمبر تان ويڊيو موڪلي هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، پوليس موجب مغوي عبداللہ کي ڪشمور يا رحيم يار خان جي ڪچي ۾ اغوا ڪري رکيو ويو آهي، سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف لياري واري علائقي ۾ فائرنگ۾ سيف الرحمان جي نالي همراهه مارجي ويو. زخمي شهري عدنان پنهجي سالي کي پرچائڻ لاء پنهجي دوست سيف الرحمان سان گڏجي ساهرن جي گهر آيو هو جتي سندس سالي شاهد سان تڪرار ٿي پيو جنهن بعد فائرنگ ۾ سيف الرحمان مارجي ويو ۽ عدنان زخمي ٿي پيو.