ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم )  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪي اليڪٽرڪ تي زور ڀريو آهي ته اها مقامي ٻارڻ، سولر  ۽ ونڊ پاور استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهو بجلي جي بلن ۾ سک جو ساهه کڻي سگهن، ساڳئي وقت صارفين کي آگاهي ڏيڻ لاءِ پکن ۽ ايل اي ڊي بلب سميت  گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ  سامان استعمال ڪرڻ بابت مهم هلائي وڃي، ڪالهه ڪي اليڪٽرڪ سان  اجلاس ۾ ھن چيو ته  عوام کي لوڊشيڊنگ جي آزار کان بچايو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جي 2172 ميگاواٽ بجلي ۾ 1182 ميگاواٽ متبادل توانئاي جي ذريعن مان پيدا ٿئي ٿي، هن چيو ته  ٽيرف (بجلي اگهه ) ۾ واڌ ۽ بجلي  چوري سبب بجلي جي استعمال ۾ 5  ۽ اوڳاڙي ۾ 3.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اجلاس ۾ موجود ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ملڪي گردشي قرض سان واسطو ناهي، انهي باوجود ڪراچي واسين کان  في يونٽ تي 3.20 رپيا  پي ايڇ ايل سرچارج  اوڳاڙيو پيو وڃي، آئون ميئر طور نيپرا ۾ ڪيس داخل ڪرائيندس. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته هو به 3.20 رپيا پي ايڇ ايل سرچارج  ختم ڪرائڻ لاءِ وفاق سان به ڳالهائيندو. اجلاس ۾ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهه  چيو ته  ڪي اليڪٽرڪ عملي تي 174 حملا ٿيا آهن،  انهي ڪري عملي جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن، جنهن تي وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند کي ڪي اليڪٽرڪ  عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ته بجلي جي بلن جي وقت سِر فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن صارفين کي بلن  ادائيگي لاءِ ڪجهه ڏينهن ملي سگهن. جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي سربراهه خاطري ڪرائي ته بلن جي بروقت فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.