ڪراچي (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) حڪومتي درخواست تي ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 10 رپيا 32 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٽن مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ذريعي ڪراچي لاءِ في يونٽ 10 رپيا 32 پيسا مهانگي ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو مهفوظ ڪري ورتو آهي. عوامي ٻڌڻي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندي تنوير باري چيو ته بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪريون ٿا. جماعت اسلامي جي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ماڻهن جو حال ڏسو، ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪي اليڪٽرڪ جو ته لائسنس رد ٿي وڃڻ گھرجي ها. خدا کيمڃي اهو اضافو نه ڪيو ماڻهن کي نه ماريو، ماڻهو بل ادا نٿا ڪري سگھن. بجلي چوري ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ان جا ماڻهو ملوث آهن، ماڻهو ميٽر لڳرائڻ چاهين ٿا ڪي اليڪٽرڪ وارا لڳائڻ لاءِ تيار ناهن. ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائڻ وڃي رهيا آهيون.