ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هوٽل  ۾ ويٺل شهرين کان ڦرلٽ، پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري 2 جوابدار ماري ڇڏيا. پوليس موجب غازي ڳوٺ جي بلاڪ جي ۾ ٻن جوابدارن هوٽل ۾ ويٺل شهرين کان ڦرلٽ ڪئي، جوابدار ڦرلٽ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار علي حيدر مٿن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ٻئي جوابدار مارجي ويا، سندن لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. هوڏانهن پوليس اهلڪار علي حيدر موجب هوٽل تي ويٺل هئاسين، جوابدار مون سميت شهرين کان ڦرلٽ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته مون پنهنجي پسٽل سان فائرنگ ڪئي، اهلڪار علي حيدر موجب منهنجي ڊيوٽي سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي آهي، هتي هوٽل ۾ دوستن سان گڏ ويٺل هئس.