ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هنڱورا ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن، علائقي واسين جو پوليس تي پٿراءَ، فائرنگ، هڪ اهلڪار زخمي،  فائربرگيڊ گاڏي تباهه، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ان ڏس ۾ سائيٽ سپرهاءِ وي جي هنڱورا ڳوٺ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جي مدد سان حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو  ته علائقي واسي پهچي ويا، مڇريل ماڻهن پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اهلڪارن تي پٿراءُ بعد فائرنگ پڻ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار جنسار علي  سخت زخمي ٿي پيو. چڪرين دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مڇريل ماڻهن فائربرگيڊ جي گاڏي ٽوڙي تباهه ڪري ڇڏي، پوليس طرفان به هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي. سخت مزاحمت سبب پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملو واپس روانو ٿي ويو