ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اتحاد ٽائون جي علائقي عابدآباد ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پ پ ڪارڪن شوڪت حماد واري واقعي جو نوٽيس وٺي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ، ان ڏ س ۾ گذريل رات عابد آباد ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گهر ٻاهران پ پ ڪارڪن شوڪت حماد کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو هو، وارثن موجب هٿيار بندن شوڪت حماد کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو، کنائس ڪا به شيءَ ڦر ناهي ڪئي وئي. ٻئي طرف پوليس 17 آگسٽ تي اورنگي ٽائون جي علائقي اقبال مارڪيٽ جي حد ۾ قتل ٿيل پ پ جي يو سي چيئرمين جي اميدوار امجد حسين الهديٰ واري واقعي ۾ مک جوابدار انور سعيد عرف منا کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي. ڪراچي پوليس چيف پوليس پارٽي لاءِ هڪ لک رپيا روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،