ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي هاڪس بي تي وڌيڪ 4 دوست سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا، 2 ڄڻن جا لاش  هٿ ، ٻن جي ڳولا جاري، پوليس هاڪس بي ڏانهن ويندڙ روڊ تفريح  لاءِ ويندڙ شهرين لاءِ بند ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ماڙيپور ۾ واقع  هاڪس بي جي ٽرٽل بيچ تي سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران 4 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 2 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته باقي 2 جي ڳولا جاري آهي. ايڌي ذريعن موجب 25 ورهين جي نهال عرفان سميت 2 جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 15 ورهين جي فهد ۽ 25 ورهين جي شاهه رخ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي،  پوليس موجب 4 ئي نوجوان پاڻ ۾ دوست هئا، جيڪي پڪنڪ ملهائڻ آيا هئا، سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران لهرن جي ور چڙهي ويا، چار ئي دوست لياقت آباد ۾ سنڌي هوٽل وٽ رهندا هئا، نوجوانن جي ٻڏڻ جو اطلاع ملندي ئي سندن گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ڇنڇر واري ڏينهن سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ٻن ڄڻن محسن ۽ معمون جا لاش به ڪڍيا ويا .