ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوڪرين جو ڏٽو ڏئي شهرين سان فراڊ ڪندڙ جناح اسپتال جو ملازم سوگھو، ان ڏس ۾ صدر پوليس جناح اسپتال جي ملازم سليم ولد فدا حسين کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار ساٿين سان گڏجي شهرين کي نوڪرين جو ڏٽو ڏئي پئسا وصول ڪندو هو، هن ڪيترن شهرين کي جعلي آفر ليٽر پڻ ڏنا آهن ، گرفتار جوابدار جي قبضي مان پڻ جعلي آفر ليٽر هٿ ڪيا ويا آهن، سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن