ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي جي ڪورنگي واري  قومي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران ٿيل هنگامن ۽ تشدد وارن واقعن کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو، 258 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڪراچي پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيلن ۾ سياسي اڳواڻن جا ڪجهه سيڪيورٽي گارڊ به شامل آهن، جن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان سوگهو ڪيو ويو، هنگامن ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن. ترجمان موجب هنگامن ۽ فائرنگ جا 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن مان 2 ڪيسن ۾ اليڪشن ڪميشن فريادي آهي، باقي 2 ڪيس پوليس جي فرياد تي داخل ڪيا ويا، ايف آءِ آرز ۾ ڄاڻايو ويو ته هڪ سياسي جماعت جا 400 کان 500 ڪارڪن پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيا، عملي کي هراسان ڪري اليڪشن جي سامان کي نقصان پهچايو، بيلٽ باڪسز کي به نقصان ڏنو ويو ڪورنگي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته واءِ ڊبليو سي اي اسڪول ٻاهران 20 کان 25 ڏنڊا بردارن پهچي امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف پي ايس پي اميدوار شبير قائمخاني لانڍي ٿاڻي تي ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي، سندن اميدوار شهزاده شهباز سميت 60 عهديدارن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪارڪن جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني. هوڏانهن پي ايس پي ترجمان دعويٰ ڪئي ته مصطفيٰ ڪمال جي گھرواري جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي هئي پر هوءَ محفوظ رهي، ٻئي طرف اليڪشن واري ڏينهن فائرنگ ۾ مارجي ويل پي ايس پي ڪارڪن سيف الدين جي جنازي نماز خواجا غريب نواز مسجد لانڍي ۾ ادا ڪئي وئي.، جنهن ۾ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا