ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وفاق ۽ سنڌ جي پيش ڪيل بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سردار رحيم جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام سان مذاق ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ بجيٽ خلاف احتجاج طور وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري. ڪراچي جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر آهي، ان کي بجيٽ ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به ميگا پراجيڪٽ شامل نه ڪيو ويو آهي. تعليم لاءِ صرف 39.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته حڪمران تعليم ذريعي شعور وڌائڻ بدران قوم کي پينو فقير بڻائڻ چاهين ٿا. بجيٽ 2025 عوام دشمن آهي، جيڪو مهانگائي جو طوفان کڻي آيو آهي. هي بجيٽ صرف انگن اکرن جي ڦيرڦار ۽ ڏيکاءُ آهي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن پنھنجي ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو. ھن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ ۾ تعليم، صحت، زراعت ۽ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ بنيادي سهولتن جو جنازو نڪري چڪو آهي، جڏهن ته وفاق طرفان سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي طرفان سنڌ جي ترقي بابت ڪا به اميد ناهي، ڇاڪاڻ ته بجيٽ ۾ صرف 16 ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن، انهن لاءِ به رڳو ٽوڪن رقم مختص ڪئي وئي آهي، جيڪا عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي. وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ عوام دشمن آھي پيپلزپارٽي صرف عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ تنقيد ڪري رھي آھي. هن چيو ته درياءَ سنڌ تي نئين ڪئنالن جي اڏاوت ۽ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ذريعي سنڌ سان غداري ڪئي وئي آهي ۽ جيڪي وفاقي بجيٽ تي تنقيد ڪري رهيا صرف عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهن، سنڌ جا حڪمران ئي قومي اسيمبليءَ مان بجيٽ پاس ڪرائيندا. هن چيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي لاءِ 16 ارب رپيا ۽ ڪي-فور لاءِ 3.2 ارب رپيا رکڻ عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش آهي. سردار عبدالرحيم چيو ته فارم 47 ذريعي آيل جعلي حڪومت کي اڳ به تسليم نه ڪيو ويو هو ۽ هاڻ به نه ڪيو ويندو. هن حڪومت غريب کي وڌيڪ غريب ڪيو آهي. هي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي بجيٽ بلڪل مصنوعي آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ ڪو به رليف نه آهي. هن چيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي جي ڊي اي رد ڪري ٿي. بجيٽ غريبن جو نه پر سرمائيدارن جو آهي، جنهن ۾ صرف اشرافين کي فائدو ڏنو ويو آهي. نجي شعبي جي ملازمن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ مهانگائي جي ڀيٽ ۾ اونٽ جي وات ۾ زيرو جي برابر آهي. رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ صرف 7 سيڪڙو واڌ کليو مذاق آهي. سردار عبدالرحيم چيو ته ڪرپٽ حڪومت بجيٽ جا فنڊ ترقياتي ڪم تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجن کيسن ۾ وجهي ڇڏيندي. ھن چيو تہ جي ڊي اي جو مطالبو آهي ته جعلي ۽ عوام طرفان رد ٿيل حڪومت کي فوري طور ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن.