ڪراچي: نسلا ٽاور کي ڊاھڻ جو عمل تيز، وڌيڪ مشينري ۽ عملو طلب

0
91
ڪراچي: نسلا ٽاور کي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ڊي سي اوڀر عملي سوڌو نسلا ٽاور ڊاهڻ لاءِ پهچي ويو، ڳري مشينري بنا نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو عمل جاري آھي

 ڊي سي اوڀر آصف اقبال جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ ڪمشنر ڪراچي جي هدايتن تي ڪم شروع ڪيو اٿئون، نسلا ٽاور کي ڳري مشينري سان ڊاهي نٿو سگهجي، مينوئل طريقي سان ڊاهڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون

جڏھن تھ عمارت کي ڊاھڻ لاءِ وڌيڪ مشينري ۽ عملي کي طلب ڪيو ويو آھي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ٻڌڻي دوران اڄ ئي نسلا ٽاور کي ڊاھڻ جو حڪم ڏنو، جنھن تي عمل ٿي رھيو آھي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽاور جي ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته تجوري هائٽس کي به هن وقت تائين ناهي ڪيرايو ويو، جنهن تي ڪمشنر ڪراچي چيو ته تجوري هائٽس تي مسمار جو ڪم جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان جي به رپورٽ تصويرن سان گڏ منجهند جو جمع ڪرايو

ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته اسان نسلا ٽاور تي آپريشن شروع ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿيون، ڪيترو ڪم ٿيو آهي، ان بابت ٻڌايو، ڪوڙ نه ڳالهايو، چيف جسٽس کي درخواست ڪندي ڪمشنر ڪراچي چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا توهان پنهنجي گهر ۾ بيٺا آهيو، عدالت سان ڳالهائڻ جو اهو طريقو آهي، جسٽس قاضي امين ڪمشنر ڪراچي کي چيو ته هو وڌيڪ سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن

ھي به پڙھندا

سڄي شهر جي مشينري وٺي وڃو ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرايو: چيف جسٽس جو ڪمشنر ڪراچي کي حڪم